مائي ڀاڳي

مائي ڀاڳي

مائي ڀاڳي

ڀاڳي: سنڌي ۽ مارواڙي لوڪ گيتن جي ڪوئل طور مشهور مائي ڀاڳيءَ جو جنم ونھيل فقير ۽ مائي خديجه عرف ڪسي ٻائيءَ جي گھر ۾، ڏيپلي ۾ 1920ع ڌاري ٿيو. پنھنجي ماءُ سـان گـڏ ٻاراڻـي وھـيءَ ۾ ڍاٽڪي، مـارواڙي ۽ سنڌي لوڪ گيت ۽ سھرا ڳائڻ شروع ڪيائين، ان حساب سان راڳ ۾ سندس پهريان استاد پيءُ ۽ ماءُ رهيا. پيءُ کان راڳ جي باقاعدي تربيت ورتائين. هوءَ والد، استاد محمد جمن ۽ استاد حسين فقير کان متاثر هئي. پندرھن سالن جي عمر ۾ سندس شادي ٿي وئي ۽ ان بعد مٺيءَ ۾ وڃي آباد ٿي. مائي ڀاڳيءَ جي آواز ۾ قدرت سوز سمايو ھو ۽ ھن سوين لوڪ گيت ڳايا، جن مان ڪجهه رڪارڊ ٿي سگھيا. سندس ڳايل لوڪ گيتن مان جيڪي ڏاڍا مشهور ٿيا، تن ۾: (1) ڀٽ جا ڀٽائي، ڀٽ تي وسئي نور، منھنجون تو پڄايون، (2) سمن سائين مان ته گولي غلام تنهنجي در جي، مٽيون ڀرينديس من سين، دليون ڀريندس دل سين، (3) کڙي نيم ڪي نيچي، هون تو هيڪلي، (4) ايئي چرملي رو بلالي سين پيار، (5) تارن مان ترندي اچي، لوڙهن مان لڙهندي اچي، او دل ٻاروچل ٻاروچل پئي ڪري، (6) مونکي جوڳي هڻي ڏي ڍارو، منهنجو ڪانگل آهي قرب وارو، وغيره شامل آهن. مائي ڀاڳيءَ جو فنڪاره طور تعارف پھريون ڀيرو 1967ع ۾ ڀالوا ۾ مارئيءَ جي ميلي جي موقعي تي ٿيو، جيڪو مير محمد بخش ٽالپر جي ڪوششن سان لڳايو ويو ھو. چانڊوڪيءَ رات ۾ ڀالوا جي ڀٽن ۾ جڏھن مائي ڀاڳيءَ جي ڳايل لوڪ گيت”تارن مان ترندي اچي، لھرن مان لڙھندي اچي، او دل، ٻاروچل ٻاروچل پئي ڪري“ جا آلاپ ڀٽن ڀر ٻرڻ لڳا ته ٻڌندڙ ان جي مَنڊ ۾ منڊجي ويا. مائي ڀاڳي اڳتي ھلي ريڊيو حيدرآباد تي متعارف ٿي، کيس پاڪستان ٽيليويزن تي محترم عبدالڪريم بلوچ متعارف ڪرايو، جتي ھن سڀ کان اڳ ھڪ مارواڙي گيت ”کڙي نيم ڪي نيچي، ھون تان ھيڪلي“ رڪارڊ ڪرايو. مائي ڀاڳيءَ جي فن جي مڃتا سنڌ ۽ پاڪستان جي حدن کان ٽپي ڀارت ۽ دنيا تائين پھتي. هن جو ’کڙي نيم ڪي نيچي‘ وارو ڪلام ڳائي ٽينا ثانيءَ وڏي شهرت ماڻي. آل انڊيا ريڊيو جي سنڌي سروس تان اڄ تائين سندس ڳايل لوڪ گيت نشر ٿيندا رھن ٿا. پاڪستان جي اڳواڻي وزيراعظم شھيد ذوالفقار علي ڀٽي سندس قدرداني ڪندي، کيس 60 ايڪڙ زمين انعام طور ڏني هئي پر ھن غريب عورت جي اھا زمين غريبيءَ جي نذر ٿي وئي ۽ سندس حالت ”آڻين ۽ چاڙھين، ڏٿ ڏھاڙي سومرا“ واري ساڳي رھي. مائي ڀاڳيءَ مارواڙي، ڍاٽڪي، گجراتي، هندي، سرائڪي ۽ سنڌيءَ ۾ هزارين لوڪ گيت ڳايا، ان کان سواءِ ھن شاهه لطيف، ڀڳت ڪبير، منٺار فقير، حمل فقير ۽ ٻين صوفي شاعرن کي به ڳايو آھي. مائي ڀاڳيءَ جي سنڌ جي ماڻھن وڏي قدر شناسي ڪندي، ساڻس ڪيتريون ئي رهاڻيون ملھائي، کيس خراج تحسين پيش ڪيو ۽ سندس تاج پوشي پڻ ڪئي. مائي ڀاڳيءَ کي تمغه حسن ڪارڪردگي، مارئي اوارڊ، شاهه لطيف اوارڊ، ٿر ڪوئل اوارڊ، سچل اوارڊ ۽ ٻيا ڪيترائي اوارڊ به مليا، مائي ڀاڳيءَ، پڇاڙيءَ واري عمر جو ڳچ حصو اڌ رنگ جي بيماريءَ ۾ گذاريو ۽ 65 سالن جي ڄمار ۾ 7 جولاءِ 1986ع ۾ نئين ڪوٽ ريلوي اسٽيشن لڳ وفات ڪيائين. جتي سندس نالي سان ”مائي ڀاڳي ڪالوني“ موجود آهي. مائي ڀاڳي مهراڻي جي مير راضي شاهه گهوٽ جي تاريخي قبرستان ۾ آرامي آهي. سندس اولاد مان سندس پٽ ڪالو فقير، ڌيءَ مائي سوني ۽ پوٽو برڪت فقير پڻ اڄڪلهه لوڪ گيت ڳائين ٿا ۽ شهرت رکن ٿا.


لفظ مائي ڀاڳيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1920.00.00  عيسوي

مائي ڀاڳيءَ جو جنم ، ڏيپلي ۾ 1920ع ڌاري ٿيو


1986.07.07  عيسوي

مائي ڀاڳي 7 جولاءِ 1986ع ۾ نئين ڪوٽ ريلوي اسٽيشن لڳ وفات ڪئي



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

عبدالسلام ٿهيم
آغا حسن علي
بيگم غلام حسين هدايت الله
ٻنوي سيف
شاهه بلاول نوراني
ثريا 1
اعتبار علي جاگيراڻي
انور علي عباسي
آخوند هدايت الله مشتاق هالائي
پروانو سيوهاڻي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون